پي آئي اي ملتان جي حاجين کي جدهه  ڇڏي رواني، حاجين جو احتجاج

پي آئي اي ملتان جي حاجين کي جدهه ڇڏي رواني، حاجين جو احتجاج

ملتان: (ويب ڊيسڪ) پي آئي اي جو هڪ ٻيو ڪارنامو، پي آئي اي جي پرواز جده مان ملتان جي حاجين کي ڇڏي ڪري رواني ٿي وئي. جده ايئرپورٽ تي مسافرن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن ۾ عورت حاجي پڻ شامل آهن. حاجين جو چوڻ آهي ته اسان وٽ جده کان ملتان لاءِ پي آئي اي جي پرواز پي ڪي 846 (PK-846) جي ڪنفرم ٽڪيٽ هئي، اسان مقرر وقت کان ٻه ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ پهتاسين پر بورڊنگ وقت اسان کي لاهي ڇڏيو ويو.حاجين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عورتن سميت اسان سڀ هتي ايئرپورٽ تي بي يار و مددگار بيٺا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو