پي آءِ اي جي اڏام 6 سالن کان پوءِ هيٿرو ايئرپورٽ تي لينڊنگ ، شاندار استقبال

پي آءِ اي جي اڏام 6 سالن کان پوءِ هيٿرو ايئرپورٽ تي لينڊنگ ، شاندار استقبال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي جي پهرين اڏام پي ڪي 785 لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ تي لهي وئي.لنڊن ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل پاران پرواز جو استقبال ڪيو ويو. لنڊن هيٿرو ايئرپورٽ کي پاڪستان ۽ برطانيه جي جهنڊن سان سينگاريو ويو. ان سلسلي ۾ هڪ سادي پر باوقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جو ڪيڪ ڪٽيو ويو.تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل پي آءِ اي جي پرواز کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. هن چيو ته پي آءِ اي جي پرواز پاڪستانين جي دلين جي آواز آهي ۽ ان کي وڌڻ گهرجي.هيٿرو ايئرپورٽ جي ترجمان چيو ته پي آءِ اي جو اسان سان 7 ڏهاڪن تي ٻڌل تعلق آهي. اسان پي آءِ اي کي دل سان ڀليڪار ڪريون ٿا. اڄ اسان جو پراڻو دوست واپس آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو