پي آءِ اي جو آڊٽ ڪرڻ لاءِ آئي اي ٽي اي ٽيم جي پاڪستان آمد

پي آءِ اي جو آڊٽ ڪرڻ لاءِ آئي اي ٽي اي ٽيم جي پاڪستان آمد

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ايئر لائنز (پي آءِ اي) جو سيفٽي آڊٽ ڪرڻ لاءِ انٽرنيشنل ايئر ٽرانسپورٽ ايسوسيئيشن (آءِٽا) جي ٽيم پاڪستان پهچي وئي.ايئر لائن ذريعن موجب IATA سيفٽي آڊٽ پي آءِ اي جي آپريشنل، فلائيٽ سيفٽي ۽ مسافرن جي هينڊلنگ سروسز جي معيار جو جائزو وٺندو.ايئر لائن ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ اي ٽي اي ٽيم پي آءِ اي جي هيڊ آفيس سميت ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد اسٽيشنن تي پي آءِ اي جي آپريشنز جو جائزو وٺندي، جڏهن ته پي آءِ اي جا عملدار آءِ ايٽا ٽيم کي ايئر لائين جي معاملن تي بريفنگ ڏيندا. ذريعن موجب IATA سيفٽي آڊٽ ذريعي هر ٻن سالن بعد عالمي معيار جي ايئر لائنز جي ٽيسٽ ڪئي ويندي آهي. IATA ٽيم 23 مئي کان 27 مئي تائين پي آءِ اي جو انٽرنيشنل سيفٽي آڊٽ جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو