دهيرڪوٽ (ويب ڊيسڪ): مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو آهي ته پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ ان ئي پگهار تي ڪم جاري رکندي.حويليءَ ۾ چونڊ جلسي بعد ميڊيا سان گفتگو ڪندي رانا ثناءُالله چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ايڪشن ڪميٽيءَ جا ڪجهه ماڻهو ڪنهن خاص پرديدي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ حڪومت قائم ٿيڻ بعد مقامي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪندي.ن ليگ اڳواڻ تنقيد ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جتان به هارائيندي آهي، اتي ڌاندليءَ جو واويلا شروع ڪري ڏيندي آهي، پر وفاق اندر هوءَ انهيءَ ئي پگهار تي ڪم ڪندي رهندي.










