اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ هڪ رپيو 97 پئسا گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 297 رپيا 53 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.ان کان علاوه ڊيزل جي قيمت ۾ به هڪ رپيو 97 پئسا گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 309 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اطلاق رات 12 وڳي کان ٿي ويو آهي.










