پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز مارجن ۾ واڌ جي منظوري

پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز مارجن ۾ واڌ جي منظوري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي مالياتي وزارت جي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (ECC) جي اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي ڊيلرز مارجن ۾ 1 روپيو 34 پئسا في ليٽر اضافي جي باقاعده منظوري ڏني وئي آهي. اي سي سي جي هن فيصلي بعد پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽرول پمپ مالڪن (ڊيلرز) جو مارجن 8 روپيا 64 پئسن مان وڌي 9 روپيا 98 پئسا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي.ٻئي طرف آل پاڪستان پيٽرول پمپس اونرز ائسوسيئيشن جي وائيس چيئرمين نعمان بٽ حڪومتي فيصلي جو خيرمقدم ڪندي وزيرِ اعظم ۽ پيٽروليم واري وزير جو شڪريو ادا ڪيو آهي. نعمان بٽ چيو ته ڊيلرز مارجن ۾ واڌ ڪري حڪومت سندن پراڻو ۽ باقاعده مطالبو پورو ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو