ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پورٽ قاسم ڀرسان پيٽرول پمپ تي ڏينهن جي روشني ۾ 2 ڌاڙيل ڦري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. ٻن هٿياربندن هڪ پيٽرول پمپ جي ڪيشيئر ۽ ٻين کان پئسا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ ڌاڙيل ڪيشيئر کي ڦري رهيو آهي جڏهن ته ٻيو ڪلاشنڪوف کڻي بيٺو آهي. ٻئي طرف فيڊرل بي ايريا ۾ پوليس تي حملي جي وڊيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ 3 موٽرسائيڪلن تي سوار 5 جوابدارن کي فائرنگ ڪندي ڏٺو پيو وڃي. فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٻه رهواسي زخمي ٿي پيا.










