ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي طرفان ”پيٽرول جي قيمت 225 رپيا 3 سالن لاءِ مقرر ڪرڻ واري“تحريڪ جي سلسلي ۾ جمعي ڏينهن ملڪ گير احتجاج جي اپيل تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، ميرپورخاص، ٺٽو، بدين، ڄامشورو، دادو، نواب شاهه، ٽنڊوالهيار، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊوآدم، شڪارپور، عمرڪوٽ، ڪنري، شهدادپور، گهارو ۽ ٻين ضلعي توڙي تعلقي هيڊڪوارٽرن تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن کي صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو. مظاهرين ”پيٽروليم ليوي ختم ڪريو، مهانگائي ختم ڪريو، وزيرن ۽ بيوروڪريسي جون عياشيون ۽ مفت خوري ختم ڪريو، عوام کي جيئڻ جو حق ڏيو ۽ ”پيٽرول سستو ڪريو“ جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي .مقررِين خطاب ڪندي چيو ته حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ جماعت اسلامي حڪمرانن جي ظالماڻي پاليسين خلاف ۽ عوامي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي واري معاهدي کان پوءِحڪومت وٽ هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل جون موجوده قيمتون برقرار رکڻ جو ڪو به جواز نه رهيو آهي. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ جنگ بندي کان پوءِ عالمي سطح تي تيل جي ترسيل جا معاملا بهتر ٿيا آهن، جڏهن ته عالمي منڊي ۾ خام تيل جون قيمتون گذريل ڪيترن ئي مهينن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن، ان جي باوجود پاڪستاني عوام کي مهانگو پيٽرول ۽ ڊيزل استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ طرف عوام کي رليف ڏيڻ جون دعوائون ڪري ٿي، پر ٻي طرف پيٽروليم شين تي ڳريون ليويز ۽ ٽيڪس برقرار رکي مهانگائي ۾ اضافو ڪري رهي آهي. هنن سوال ڪيو ته جڏهن عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽجي رهيون آهن ته پوءِ پاڪستاني عوام کي ان جو فائدو ڇو نه ٿو ڏنو وڃي؟هنن چيو ته پيٽروليم ليوي ۽ ٻين ٽيڪسن جي صورت ۾ عوام کان اضافي وصوليون ناقابل قبول آهن، حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪري ۽ عوامي مفاد کي ترجيح ڏئي. ميرپورخاص: جماعت اسلامي ضلعي ميرپورخاص پاران ڊپٽي جنرل سيڪريٽري جماعت اسلامي سنڌ سھيل احمد شارق جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صوبائي اڳواڻ سھيل احمد شارق مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته ناجائز ٽيڪسن جي ڀرمار ۽ حڪمرانن جي مراعات ۽ عياشين ڪروڙين پاڪستانين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي. آمريڪا-ايران جنگ جو بهانو بڻائي عوام تي مهانگائي مسلط ڪندڙ فارم 47 جا حڪمران حڪمراني جو اخلاقي جواز وڃائي ويٺا آهن. ٽن سالن لاءِ پيٽروليم شين جون قيمتون 225 رپيا في لٽر مقرر ڪري پاڪستاني معيشت کي عالمي مارڪيٽ ۾ مقابلي جي قابل بڻائي سگهجي ٿو. نااهل ۽ آءِ ايم ايف جا پگهاردار معاشي ماهرن ملڪ کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي..لاڙڪاڻو:امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي سڏ تي پيٽرول جي في ليٽر قيمت 225 رپيا مقرر ڪرڻ ۽ ان کي ٽن سالن تائين برقرار رکڻ لاءِ جماعت اسلامي لاڙڪاڻي پاران دفتر جماعت اسلامي بندر روڊ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي قيادت ضلعي امير ايڊووڪيٽ نادر علي کوسو ۽ مقامي امير رميز راجا ڪئي. مظاهري ۾ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي عباس علي ڏاهاڻي، حفيظ الرحمان، ايڊووڪيٽ اطهر مجيد تنيو، نعمت الله سيال، عبدالوحيد سنڌيلو ۽ محمد طاهر منگي سميت ٻيا مقامي اڳواڻ پڻ موجود هئا. نوشهروفيروز:ضلع نوشهروفيروز ۾ ضلعي امير ايڊووڪيٽ نعيم احمد ڪمبوهه جي قيادت ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي جماعت اسلامي جي اڳوڻي ضلعي امير ايڊووڪيٽ محمد شبير خانزاده، ضلعي قيم مولانا محمد هاشم لاشاري ۽ ٻين مقررِين خطاب ڪيو. جيڪب آباد: جماعت اسلامي جيڪب آباد پاران دفتر جماعت اسلامي قائداعظم کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي قيادت قائم مقام ضلعي امير عبدالصمد ڪٽبر، حاجي ديدار علي لاشاري، مشتاق احمد لغاري ۽ عنايت الله ٽالاني ڪئي. ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي، مولانا رفيع الدين چنا، حافظ شير محمد ميڻڪ، احمد نور چنا ۽ ٻين اڳواڻن جي قيادت ۾ پريس ڪلب آڏو ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. نواب شاهه: ضلعي امير طارق جاويد، نائب امير سرور احمد قريشي ۽ مقامي امير نجف رضا جي قيادت ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.بدين: ضلعي امير سيد علي مردان شاهه جي قيادت ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي عبدالڪريم بليدي، الله بچايو هاليپوٽو، فتح خان کوسو ۽ ٻين مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو.دادو: امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي ضلعي امير محمد موسيٰ ٻٻر جي قيادت ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڄامشورو: ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو (ڪوٽڙي) آڏو جماعت اسلامي ضلعي ڄامشورو جي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري جي قيادت قائم مقام ضلعي امير حافظ خليل الرحمان ڪورائي، نائب امير عبدالجليل شيخ، اعجاز احمد شيخ، غلام نبي جمالي، محمد رحيم بروهي ۽ ٻين ڪئي. مٽياري: جماعت اسلامي ضلع مٽياري پاران ٻاروچو باغ وٽ ضلعي امير فقير محمد لاکو ۽ نائب امير اياز احمد اصلاحي جي قيادت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.شهدادپور: پيٽروليم ليوي، مهانگائي، بجلي جي ڳرن بلن ۽ ظالماڻن ٽيڪسن خلاف جماعت اسلامي شهدادپور پاران نماز جمعي کان پوءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن کي جماعت اسلامي شهدادپور جي جنرل سيڪريٽري امان الله ٽالپر خطاب ڪيو. ٽنڊو آدم: پريس ڪلب ٽنڊوآدم آڏو مقامي امير عريف الله، مشتاق احمد عادل، عبدالغفور انصاري ۽ عبدالستار انصاري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار: ضلعي امير آصف ياسين، عاشق خانزاده ۽ محمد يونس قائم خاني جي اڳواڻي ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن ڪنري، عمرڪوٽ، گهارو، ٺٽو، راڄو نظاماڻي ۽ باگڙجي سميت ٻين شهرن ۾ پڻ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جن کي مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو.










