لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ليوي کي فوري ختم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان عوام کي احتجاج جو سڏ ڏينداسين، پيٽرول جي قيمت کي 3 سالن لاءِ لاڪ ڪيو وڃي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته حڪومت هر جمعي تي هڪ بجيٽ جو اعلان ڪندي آهي، هي پنهنجون شاهه خرچيون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن، پگهاردار طبقو سڀني کان وڌيڪ ٽيڪس ڏئي رهيو آهي. پگهاردار طبقي تي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، هڪ لک ماهوار پگهار کڻندڙ شخص کي ٽيڪس فري ڪيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو هر طبقي جي ماڻهن لاءِ ظلم آهي، حڪومت پنهنجي نالائقي ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ قيمتن ۾ اضافو ڪري ٿي، حڪومت آءِ ايم ايف جي سهاري ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي، پيٽروليم ليوي لڳائڻ ڪنهن ظلم کان گهٽ نه آهي، عوام کان اڄ به 105 روپيه ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.جماعت اسلامي جي امير چيو آهي ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪوبه مقابلو نه آهي، مقابلو وسيلن موجب ئي ٿيندو آهي، جيڪڏهن پيپلز پارٽي ڪرپشن ڪئي آهي ته(ن) ليگ به گهٽ ناهي، 28هين ترميم جي بجاءِ مقامي حڪومتن کي مضبوط ڪيو وڃي. 28هين ترميم اڃان تائين سامهون ناهي آئي پر حڪمران اتحاد هر ترميم لاءِ تيار آهي. صدر آصف زرداري به چئي ڇڏيو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ جا هٿ مضٻوط ڪنداسين.هن چيو ته حڪومت تعليمي ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، عوام کان طبي سهولتون به ڦريون ويون آهن. حڪومت پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ مقامي حڪومتون ٺاهي ۽ بااختيار شهري حڪومت ٺاهڻ جي طرف اچي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو هو، پر حڪومت جي پنهنجي رپورٽ آهي ته غربت ۾ گڏيل 30 سيڪڙو جڏهن ته پنجاب ۾ 45 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. بينظير انڪم سپورٽ جي ذريعي مقامي بااثر ماڻهو ڪميشن وٺندا آهن، اهو ڪرپشن جو ذريعو آهي.جماعت اسلامي جي امير اهو به چيو ته اسرائيل اڄ به معصوم ٻارن ۽ بي گناهه شهرين کي شهيد ڪري رهيو آهي، انهي جي باوجود اسان جي وزيراعظم ٽرمپ کي امن جو داعي قرار ڏئي ڇڏيو، ٽرمپ جي حمايت سان ئي اسرائيل غزه تي حملا ڪري رهيو آهي. اسان کي پيس بورڊ مان نڪرڻ گهرجن، سموري دنيا کي اسرائيلي آمريڪا جي مدد سان هلائي رهيا آهن.حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته تقريبن 46 ڏينهن ٿي ويا، پاڪستان جا شهري صوماليه ۾ يرغمال آهن. ڪير به انهن کي بازياب ڪرائڻ جي ڪوشش نه ڪري رهيو آهي. اهڙن يرغمالين کي زنگ وارو پاڻي پياريو پيو وڃي، پاڪستاني حڪومت کي درخواست آهي ته انهن کي آزاد ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن.










