ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ شهباز حڪومت پاران پيٽرول جي اگهه ۾ صرف 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي کي اُٺ جي وات ۾ زيره برابر قرار ڏيندي ان کي رد ۽ پُرزور مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت جنهن تيزي سان پيٽرول جا اگهه وڌايا، ساڳي تيزي سان گهٽ ۾ گهٽ في لٽر پيٽرول تي 100 رپيا گهٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي۔ سنڌ حڪومت ميرپورخاص ميڊيڪل ڪاليج ۾ حراساني جو شڪار ٿيندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري جي خودڪشي واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ۽ نامزد جوابدارن کي عبرت ناڪ انجام تائين پهچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي۔ سنڌ جا تعليمي ادارا هاڻي درسگاهن بدران شاگردياڻين لاءِ مقتل گاهه ڇو بڻجي ويا آهن، جنهن سبب والدين به سخت پريشاني جو شڪار آهن۔اهڙن خيالن جو اظهار هن دادو ۾ هڪ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ضلعي امير محمد موسيٰ ٻٻر، جنرل سيڪريٽري امتياز چانڊيو سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا۔ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته حڪومت پهريان پيٽرول جي اگهه ۾ ڏيڍ مهيني اندر وڏو اضافو ڪري مهانگائي جي ماريل عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، پر هاڻي جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ته عوام کي حقيقي رليف ڏيڻ بدران صرف 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي۔ پيٽروليم شين تي پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسن جي صورت ۾ لڳايل ڳرا ٽيڪس فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ حڪومتي وزيرن سميت اشرافيه جون عياشون ۽ مراعاتون پڻ في الفور ختم ڪري عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪيو وڃي۔ صوبائي امير وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ وقت بوقت شاگردياڻين جي خودڪشي ۽ حراسان ڪرڻ جا واقعا والدين ۽ سول سوسائٽي کي سخت ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي۔ سنڌ يونيورسٽي جي نائله رند، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي نمرتا ڪماري، نوشين ڪاظمي، سنيها ڪيسواڻي ۽ هاڻي فهميده لغاري جي خودڪشي دراصل قتل آهن، جن ۾ انهن ادارن جي انتظاميا ۾ موجود ڪاريون رڍون ملوث آهن۔ جماعت اسلامي جو مطالبو آهي ته سنڌ يونيورسٽي سميت سڀني اعليٰ تعليمي ادارن ۾ آپگهات ڪندڙ ڪيسن کي ٻيهر کولي کين انصاف ۽ شاگردياڻين کي محفوظ ماحول ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ فهميده لغاري سميت ٻين واقعن ۾ ملوث درنده صفت جوابدارن کي عبرت ناڪ سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به اهڙي ڪُڌي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهي۔ تعليمي ادارن کي ڇوڪرين جي مقتل گاهه بڻائڻ بدران محفوظ ۽ تعليم دوست بڻائڻ لاءِ فوري طور اثرائتا قدم کڻڻ نهايت ضروري آهن۔ جماعت اسلامي فهميده لغاري جي خاندان يقين ڏياري ٿي ته کين انصاف ڏيارڻ لاءِ هر فورم تي ڀرپور ساٿ ڏينداسين۔










