پيٽرول جا اگهه وڌندا، فوج جي پگهار ۾ اضافو ڪيو آهي

پيٽرول جا اگهه وڌندا، فوج جي پگهار ۾ اضافو ڪيو آهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. ڪابينا اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪابينا نه ڪندي آهي پر عالمي منڊي جي اگهن ۾ ڦير ڦار تي منحصر آهي. وفاقي وزير چيو ته شگر ايڊوائيزري بورڊ بابت ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو ويو، هن چيو ته اين آءِ ايڇ آر سي ٽوڙي وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا هٿياربند فوجن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني آهي. واضح رهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ايندڙ 15 ڏينهن تائين 8 رپيا تائين واڌ جو امڪان آهي جنهن جو اعلان رات تائين متوقع آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو