لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گهر تي ڇاپي دوران پيٽرول بم اڇلائڻ واري ڪيس ۾ پرويز الاهي جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي.لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج پي ٽي آءِ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي عبوري ضمانت تي فيصلو ٻڌايو.عدالت پرويز الاهي جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي.واضح رهي ته پرويز الاهي خلاف لاهور جي غالب مارڪيٽ ٿاڻي ۾ دهشتگردي جي الزام هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.










