پيٽروليم شيون مهانگيون، ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو تائين اضافو

پيٽروليم شيون مهانگيون، ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو تائين اضافو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ کان پوءِ گڊز ٽرانسپورٽرز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ڀاڙن ۾ 10 سيڪڙو تائين اضافو ڪري ڇڏيو.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي اضافي کان پوءِ مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو بار وڌو ويو. لاهور کان مختلف شهرن جي ڀاڙن ۾ 80 روپين کان هڪ هزار روپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي، ٽرانسپورٽرز پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ٻئي پٺيان تبديلي جي طريقيڪار تي به اعتراض اٿاريو آهي.ٽرانسپورٽرز جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي آپريٽنگ خرچ وڌائي ڇڏيا آهن، ڀاڙن ۾ اضافي سبب عام واهپي جون شيون به وڌيڪ مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي.ٽرانسپورٽ اٿارٽي جي ريجنل سيڪريٽري رانا محسن موجب ٽرانسپورٽرز سان مشاورت کان پوءِ گهٽ کان گهٽ ڀاڙن ۾ اضافو ڪيو ويو، مقرر قيمتن کان وڌيڪ ڀاڙو وصول ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي طرف ڪراچي ۾ گڊز ٽرانسپورٽرز ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو، گڊز ٽرانسپورٽرز الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ جو چوڻ آهي ته مسلسل پيٽروليم شين ۾ اضافو ڪرڻ تي ڪاروبار ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي، صورتحال ساڳئي رهي ته ملڪ گير هڙتال ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو