اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن کي بلند رکي درآمدي بلن ۾ واڌ کي روڪڻ لاءِ هڪ منصوبو ٺاهيو آهي، جنهن تحت پيٽروليم ليوي جي شرح کي بلند رکي طلب ۾ واڌ جو رستو روڪيو ويندو،ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين ۽ پيٽروليم ليوي لاءِ هڪ فارمولا تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته تيل جي عالمي قيمتن ۾ واڌ درآمدي بل ۾ اضافو ڪري ٿي. پيٽروليم شين جي راشننگ ڪري درآمدي بل کي ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ٿو. وڌيڪ قيمتون پيٽروليم شين جي طلب کي وڌڻ کان روڪي سگهن ٿيون.ذريعن موجب، تيل جي وڌندڙ قيمتن دوران پيٽروليم ليوي گهٽائڻ سان واپرائڻ ۾ اضافو ٿيندو. حڪومت پيٽروليم ليوي جي شرحن ۾ تسلسل ۽ شفافيت برقرار رکڻ جو ارادو رکي ٿي. اثرائتي مالي انتظام لاءِ پيٽروليم ليوي جي شرح ۾ تسلسل برقرار رکڻ جو منصوبو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبو اهو آهي ته عوام ۽ پارليامينٽ کي پيٽروليم ليوي ۾ ڪنهن به تبديلي بابت باخبر رکيو وڃي، جيڪو مهانگائي جي وقت ۾ به سياسي حمايت برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.وفاقي حڪومت هن وقت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي لاڳو ڪئي آهي، جڏهن ته مٽيءَ جي تيل تي 10.96 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل آئل تي 7.75 رپيا في ليٽر پيٽروليم ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي.گذريل مهيني، وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي ۾ 10 رپيا في ليٽر واڌ ڪئي، جيڪا 60 رپين کان 70 رپيا ٿي وئي، ۽ اضافي ليوي جي حصي طور، وفاقي ڪابينا اپريل کان جون 2025 تائين ٽن مهينن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ 1.71 رپيا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏني.نيپرا حڪومت جي پيٽروليم ليوي جي صورت ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي آهي، جنهن جو فيصلو اڃا تائين نه ٿيو آهي.










