پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.جوڊيشل ايڪٽوزيم پينل جي سربراهه اظهر صديق ايڊووڪيٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ نگران وفاقي حڪومت سميت ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي.داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 26 روپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. پيٽروليم شين جون قيمتون مقرر ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڊسيپلين نه آهي.درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي جو نئون طوفان ايندو. استدعا آهي ته عدالت قيمتن ۾ تازي اضافي جو قدم ڪالعدم قرار ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو