پيٽروليم شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جون هدايتون

پيٽروليم شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جون هدايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ جمعي ڏينهن سڄي صوبي ۾ پيٽروليم شين جي دستيابي، ذخيرن ۽ سپلائي چين جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وچ اوڀر جي موجوده جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي صوبي اندر ٻارڻ جي مسلسل فراهمي ۽ امڪاني هنگامي انتظامن بابت تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري توانائي، انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ، سڀني ڊويزنل ڪمشنرن، ڊي آءِ جيز، توانائي کاتي جي اعليٰ عملدارن، آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي نمائندن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي چئن ضلعن، ڪيماڙي، ملير، شهيد بينظير آباد ۽ شڪارپور ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا مجموعي طور 34 آئل ڊپو قائم آهن. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ مجموعي طور 2 هزار 136 پيٽرول پمپ ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس موجود آهن، جن جي مرحليوار انسپيڪشن ڪئي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اوگرا پنهنجي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ ريجنل هيڊ ڪراچي جي نگراني ۾ خصوصي انسپيڪشن ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن، جيڪي آئل ڊپوز ۽ پيٽرول پمپن جو باقاعده معائنو ڪنديون، پيٽروليم شين جي ذخيرن جي نگراني ڪنديون، مقرر ڪيل ضابطن تي عملدرآمد جو جائزو وٺنديون ۽ غيرقانوني ذخيره اندوزي يا غير مجاز اسٽوريج جي روڪٿام کي يقيني بڻائينديون. چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه سڀني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اوگرا جي انسپيڪشن ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن، جيئن نگراني وارو عمل مؤثر نموني مڪمل ٿي سگهي. هن چيو ته سڄي صوبي ۾ پيٽرول، ڊيزل ۽ ٻين پيٽروليم شين جي بنا رڪاوٽ فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا مڪمل طور سرگرم رهن. چيف سيڪريٽري واضح ڪيو ته ڪنهن به ضلعي ۾ ٻارڻ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪرڻ، ذخيره اندوزي يا غيرقانوني اسٽوريج هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. هن ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي ته سڀني آئل ڊپوز ۽ پيٽرول پمپن تي موجود اسٽاڪ جي لاڳيتي نگراني ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به بي ضابطگي جي صورت ۾ فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. هن سڀني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي پنهنجي ضلعن ۾ ٻارڻ جي دستيابي، اسٽاڪ جي صورتحال ۽ سپلائي چين بابت روزاني بنيادن تي رپورٽنگ کي يقيني بڻائين. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته آئل ڊپوز ۽ ريٽيل آئوٽ ليٽس تي موجود اسٽاڪ جي بروقت نگراني ۽ صحيح رپورٽنگ هر صورت ۾ يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو ويو ته اوگرا، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين، توانائي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا وچ ۾ مؤثر رابطي ۽ مربوط هم آهنگي کي برقرار رکيو وڃي، جيئن سپلائي چين ۾ پيش ايندڙ ڪنهن به امڪاني رڪاوٽ کي بروقت ختم ڪري سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو