اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته پيمرا ترميمي بل 2023ع جي منظوري لاءِ حڪومت سان ڳالهائيندو.اسلام آباد ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي سان پارلياماني رپورٽرز ايسوسي ايشن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومت پاران پيمرا ترميمي بل 2023 واپس وٺڻ واري فيصلي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو ويو.وفد جي اڳواڻي پارلياماني رپورٽرز ايسوسي ايشن جي صدر صديق ساجد ڪري رهي هئي، وفد ۾ اڳوڻو صدر پي آر اي بهزاد سليمي، اڳوڻو سيڪريٽري جنرل ايم بي سومرو ۽ ٻيا شامل هئا.پي آر اي جي وفد پاران چيو ويو ته پيمرا ترميمي بل جي واپسي سان صحافين جون اميدون ٽٽي ويون آهن، چيئرمين سينيٽ پيمرا ترميمي بل 2023ع جي منظوري لاءِ ڪردار ادا ڪري.پي آر اي جي وفد چيو ته جيڪڏهن حڪومت آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ پاس ڪري سگهي ٿي ته پيمرا ترميمي بل ڇو نه پاس ڪري، حڪومت فوري طور تي پنهنجي ان قدم تي نظرثاني ڪري، بل کي سڀاڻي سينيٽ مان منظور ڪرايو وڃي.










