پيءُ جي قاتلن کي موت جي سزا ملڻ گهرجي ها، هاءِ ڪورٽ ويندس

پيءُ جي قاتلن کي موت جي سزا ملڻ گهرجي ها، هاءِ ڪورٽ ويندس

سکر (ن س ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي اڳواڻ ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي پٽ مولانا راشد محمود سومرو عدالت طرفان ڏنل سزا تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.اڄ سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان قاضي ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سمورن 6 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي.جوابدارن کي قتل ۽ دهشتگردي جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، جڏهن ته هٿيار رکڻ جي الزام ۾ 7 ۽ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.عدالتي فيصلي تي مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٿيڻ گهرجي ها، جنهن لاءِ هاءِ ڪورٽ جو دروازو کڙڪايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو