ڪراچي( باغي ساگر پنھوار ) ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ميڊيم پروين طارق چيو آهي ته سنڌ ۾ ھندو نياڻين سان ٿيندڙ مسلسل ظلم جي ذميوار پوليس انتظاميا آهي. روزاني سنڌيار سان ڳالهائيندي هن چيو ته پوڄا ڪماري اوڏ جي مک جوابدار کي ڦاھي تي لٽڪائي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. پوجا ڪماري اوڏ جي قتل جي ذميوار سکر پوليس آهي پوجا ڪماري اوڏ کي ملندڙ موتمار ڌمڪين خلاف وارثن پوليس کي اطلاع به ڏنو ۽ احتجاج به ڪيو پر ان جي باوجود به پوليس ڪجھ نه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار واحد بخش لاشاري 21_مارچ تي زبردستي کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سندس مذھب مٽائي شادي ڪرڻ چاھي پئي. نياڻي پوجا جي انڪار تي کيس وحشي ظالم گولين جو جوکاڄ بڻائي ڇڏيو. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ اندر ھندو نياڻين کي اغوا ڪري جبري مذھب مٽائي گن پوائنٽ تي شاديون ڪرڻ واري رجحان کي روڪيو وڃي.










