پوليس پارٽي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار شهيد

پوليس پارٽي تي حملو، ايس ايڇ او سميت 4 اهلڪار شهيد

ڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) پوليس موجب اربع ڏينهن پنياله جي وانڊا بڍ علائقي ۾ هٿياربند شدت پسندن پوليس پارٽي تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اسٽيشن هائوس آفيسر (SHO) سميت گهٽ ۾ گهٽ چار پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا۔
پوليس بيان مطابق واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن پوليس پارٽي سرچ آپريشن کان واپس موٽي رهي هئي۔
بيان ۾ چيو ويو ته شدت پسندن جي موجودگي بابت خفيه اطلاع ملڻ بعد شهيد نواب پوليس اسٽيشن جي حد ۾ آپريشن ڪيو ويو ۽ سرچ شروع ڪرڻ کان اڳ علائقي کي گهيرو ڪيو ويو هو۔
جڏهن پوليس پارٽي واپس اچي رهي هئي ته ويجهن ٻيلن ۾ لڪل شدت پسندن فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي اهلڪارن به جوابي فائرنگ ڪئي۔
حملي ۾ چار پوليس اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اوترا ئي شدت پسند مارجي وڃڻ جا به اطلاع آهن۔
شهيد ٿيل اهلڪارن ۾ ايس ايڇ او فهيم ممتاز، ڪانسٽيبل عرفان خان، ڪانسٽيبل غلام سبحاني ۽ ڪانسٽيبل وجاهت شامل آهن۔
حملي ۾ ڊي ايس پي حافظ عدنان ۽ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر طارق زخمي ٿي پيا۔
پوليس ترجمان اڳ ۾ ٻڌايو ته شهيدن ۽ زخمين کي علاج لاءِ ضلعي هيڊڪوارٽر ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
واقعي کان پوءِ ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر سجاد احمد صاحبزاده جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ شدت پسندن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو۔
پوليس بيان موجب علائقي کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻيلن واري علائقي مان مارجي ويل شدت پسندن جا لاش هٿ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جڏهن ته ويجهن علائقن ۾ سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي۔
ان دوران خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي واقعي جو نوٽيس وٺندي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد اهلڪارن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي۔
هن چيو ته صوبائي حڪومت متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪي پي پوليس دهشتگردي خلاف جنگ ۾ فرنٽ لائن تي بيٺل آهي۔
هن چيو ته اهڙن بزدلانه ڪاررواين سان پوليس جو حوصلو پست نٿو ڪري سگهجي، ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ جامع ۽ مؤثر حڪمت عملي ضروري آهي۔
خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به حملي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو۔ هن چيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تي کيس سخت افسوس آهي ۽ ڊيرا اسماعيل خان پوليس جي بهادري ۽ قرباني کي ساراهيو، جيڪي عوام ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪن ٿا۔
گورنر زخمي اهلڪارن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ۽ سندن جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي۔
پي ٽي آءِ جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين خان گنڊاپور به واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اهلڪارن ملڪ ۽ عوام جي دفاع ۾ پنهنجيون جانيون قربان ڪيون۔
هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ شهيدن جي خاندانن سان تعزيت ڪندي شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا گهري۔

پهنجو تبصرو موڪليو