ملير(رپورٽ فاروق ڀنگوار)ملير جي لنڪ روڊ تي ملير بار طرفان ڪينالن خلاف لڳايل احتجاجي ڌرڻي تي بن قاسم پوليس اسٽيل ٽائون پوليس چڙھائي ڪري احتجاجي ڪيمب پٽي ڇڏي احتجاجي ڪيمپ تي موجود سياسي ڪارڪنن ء وڪيلن تي سخت تشدد ڪري 6 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آھي پوليس پاران ملير بار جي ايم ايم سي ميمبر وڪيل. ذيشان آرائين تي سخت تشدد ڪري رتورت ڪري گرفتار ڪيو ويو، احتجاجي ڪيمپ تي پوليس چڙھائي جي خبر پوڻ شرط ملير بار جو صدر ارشاد شر، ايس ٽي پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، وڪيل آسمه ابڙو، ايس يو پي اڳواڻن سميت سياسي سماجي اڳواڻ پھچي ويا ملير بار جي صدر ارشاد شر چيو ته ملير پوليس پرامن احتجاجي ڪيمپ تي چڙھائي ڪري ملير بار جي وڪيل کي تشدد ڪيو ويو آهي، جيڪو غيرقانوني عمل آھي احتجاجي ڪيمپ ختم نه ٿيندي وڪيلن ۽ شھرين ٻيھر احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڇڏي آھي. پوليس تشدد جو اطلاع ملڻ تي وڏي تعداد ۾ وڪيل ۽ عام شهري پهچي ويا جن پوليس تي پٿراءُ ڪيو ۽ پوليس موبائيل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. عوامي احتجاج بعد پوليس پوئٽي هٽي وئي. ايس ايس پي ملير ڪاشف عباسي ميڊيا کي ٻڌايو ته چڪرين ۾ 3 اهلڪار زخمي ٿيا آهن ۽ هڪ پوليس موبائل ساڙي وئي آهي. اسين ڳالهين ذريعي ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ٻئي صورت م ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي.










