غوثپور(ن س) 2 ھفتا اڳ غوثپور پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل 2 نوجوانن اسدﷲ شيخ ۽ مير شيخ جي جوڊيشل انڪوائري جي رپورٽ مڪمل ٿيڻ بعد ايڊيشنل سيشن جج ڪنڌڪوٽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ غوثپور جي ايس ايڇ او احمد نواز جکراڻي، وڏو منشي عبدالله چنو، ۽ ننڍي منشي بخت سومري خلاف ڪيس داخل جو حڪم ڏيئي ڇڏيو۔سيشن جج ڪنڌڪوٽ محمد سليمان ٻرڙو چئن صفعن تي مشمتل ڪورٽ جو لکت ۾ آرڊر جاري ڪندي ڄاڻايو آھي ته غوثپور پوليس ٿاڻي جي ان وقت جي ايس ايڇ او سميت احمد نواز جکراڻي۔ وڏي منشي عبدالله چني ۽ ننڍي منشي بخت علي سومري مٿان 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪرڻ ۽ اڻ سڃاتلن مٿان به ڪيس داخل جو آرڊر جاري ڪري ڇڏيو آهي ۔ ٻنهي مقتولن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو۔۔ ٻئي پاسي ھن فيصلي اچڻ تي ڪورٽ ۾ موجود وارثن ۾ خوشي جي لھر پکڙجي ويئي۔










