ڳڙهي ياسين (ن س ) ڳڙهي ياسين پوليس جو ڪارنامو ٻن سينيئر صحافين سميت سئوٽ مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتاري لاءِ گهرن تي چڙهائي 4 ڪلاڪن تائين پوليس جو ڪڙو ڀڃ ڊاهه ڪري ڦر لٽ ڪئي وئي. ڳڙهي ياسين جي سينيئر صحافين عبدالحفظ پيرزاده ، حزب الله پيزاده ۽ سندس سئوٽ صلاح الدين پيرزاده مٿان ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين عبيدالرحمان ڌاريجو انتقامي ڪاروائي ڪندي مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪري وڏا پوليس اٽالا ساڻ ڪري صحافين جي گهرن تي چڙهائي ڪري 4 ڪلاڪن تائين ڪڙو چاڙهي چو ديواري جو تقدس پامال ڪندي گهر ۾ گهري ڀڃ ڊاهه ڪري ڦر لٽ ڪئي. ڪوريج ڪرڻ لاءِ پهتل صحافين سان به ايس ايڇ او جي منهن ماري ڪيمرائون ڦر ڪرڻ جي ڪوشش صحافين کي به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون .ايس ايڇ او پاران صحافين مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گهر مٿان چڙهائي توڙي ٻين صحافين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ ايس ايڇ او خلاف صحافين جو پريس ڪلب جي صدر فائق پٺاڻ جي اڳواڻي ۾ صحافين جو احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ان موقعي تي شفيق احمد مهر ، عبدالوحيد ڀٽو، رانا خليل راجپوت ، زبير شيخ، اظهر ميراڻي ، فدا مهر ، مور خان جتوئي ، اي ڊي ابڙو ، زوهيب انصاري ، وفا عباسي ، پرويز عارباڻي ، پارس علي دايو ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين عبيدالرحمان ڌاريجو پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيو آهي جنهن جي اسان سخت لفظن سان مذمت ڪيون ٿا هنن چيو ته ايس ايڇ او نشي ۾ ڌت ٿي پرائيويٽ گن مين کڻي صحافين جي گهرن مٿان چڙهائي ڪري چوديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو هنن چيو ته پوليس جي اهڙي عمل خلاف جلد احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي جيڪڏهن صحافين مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم نه ڪيو ويو ۽ ايس ايڇ او کي معطل نه ڪيو ويو ته پوري سنڌ اندر احتجاجي مظاهرا ڪري روڊ بند ڪيا ويندا رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين ٻڌايو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي حڪم تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ سندس جي ئي حڪم تي پوليس چڙهائي ڪئي وئي آهي ، هوڏانهن سينيئر صحافي حزب الله پيرزادو ٻڌايو ته اسان جي پيرزاده محلا ۾ گهرن اندر جڳهه آهي جنهن جا قاضي ظهير ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي مسلسل اسان کي جڳهه خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي گذريل رات ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين قاضي ظهير جي وانگار وهندي هن کان 3 لک روپيه رشوت وٺي مون تي منهنجي ڀاءُ ۽ سئوٽ مٿان ڌمڪين جي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان جي گهرن مٿان پرائويٽ هٿياربند وٺي چڙهائي ڪري جڳهه جا تالا ٽوڙي پيل سامان جي ڦر لٽ ڪئي آهي هن چيو ته جنهن جڳهه جو قاضي ظهير پاڻ کي مالڪ سڏائي رهيو آهي اها اسان جي ذاتي ملڪيت آهي ۽ اسان جي گهرن اندر آهي ايس ايڇ او ناجائزي ڪري جڳهه جا تالا ٽوڙيا آهن جنهن لاءِ اسان جلد ڪورٽ وينداسين.










