پوليس تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور

پوليس تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي ضمانت منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڳوڙ ۽ پوليس تشدد ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن ياسمين راشد، اسد عمر، ميان اسلم اقبال، فرخ حبيب سميت 8 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن تي باهه ۽ پوليس تشدد واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابڙو گل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ياسمين راشد، اسد عمر، ميان اسلم اقبال، فرخ حبيب سميت 8 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو