مري( ويب ڊيسڪ ) مري جي عدالت ڊيوٽي اٽڪاءُ واري ڪيس ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.مري جي عدالت ۾ شيخ رشيد خلاف مري ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي جڊيشل مئجسٽريٽ مري محمد ذيشان ٻڌڻي ڪئي.ان سلسلي ۾ شيخ رشيد طرفان سندس وڪيل ايڊووڪيٽ سردار عبدالرزاق خان عدالت ۾ پيش ٿيو.شيخ رشيد جي ضمانت جي درخواست تي دليلن کانپوءِ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو بعد ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ مري محمد ذيشان محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پنجاهه هزار رُپين جي مچلڪن عيوض شيخ رشيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي.










