پوليس اهلڪارن تي حملو، 3 جوان شهيد،بلاول سميت ٻين جي مذمت

پوليس اهلڪارن تي حملو، 3 جوان شهيد،بلاول سميت ٻين جي مذمت

اوٻاوڙو (ن س)اوٻاوڙو لڳ رونتي ٿاڻي جي حد افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي جتي ڏوهارين جي حملي ۾ 3 پوليس اهلڪار جا جوان شهيد ٿي ويا آهن . شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪار ڊيوٽي تي رونتي ٿاڻي جي حڌ وڃي رهيا هيا ته مياڻي ۾ ڏوهارين حملو ڪري ڏنو. حملي ۾ عبدالسميع سمون۔عبدالحنان ۽ شفيق گل گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا۔ اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي ڏوهارين جو پيڇو ڪرڻ لاء نڪري پئي جڏهن ته شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جا لاش سول اسپتال اوٻاوڙو پهچڻ تي سڄو شهر سوڳ ۾ ورتل آهي..هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رحيم يار خان ۽ گهوٽڪي ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي سخت مذمت ڪئي،پنهنجي بيان ۾ هن گهوٽڪي ضلعي ۾ ڏوهاري عنصرن جي فائرنگ ۾ ٽن پوليس اهلڪارن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو،هن چيو ته عبدالسميع سمون شهيد، عبدالحنان شهيد ۽ شفيق احمد شهيد جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، پوليس اهلڪارن کي مارڻ وارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رحيم يار خان ضلعي ۾ پوليس اهلڪار جي شهادت تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو چيو ته رحيم يار خان ضلعي جي علائقي ماڇي ۾ شهيد ٿيل اهلڪار جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو هر صوبي جي پوليس شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن،پوليس جي سمورن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو