ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ جي ھدايت تي سڄي صوبي ۾ ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز جي عهدن تي مقرر آفيسرن جي قابليت جو امتحان ورتو ويو، جنھن ۾ 52 آفيسر شريڪ ٿيا، جن مان 33 ڊي ايس پي، انسپيڪٽر ۽ سب انسپيڪٽر امتحان ۾ ناڪام ٿيا، جڏھنته صرف 21 آفيسر پاس ٿيا. آءِ جي سنڌ پاران صوبي جي سب ڊويزنل پوليس آفيسرن ۽ مختلف ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز سميت 55 آفيسرن لاءِ خصوصي تربيت (اسپيشلائيزڊ ٽريننگ) ورڪشاپ سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. جنھن جي نگراني ڊي آءِ جي ٽريننگ سنڌ فيض الله ڪوريجو ۽ سندس ٽيم ڪئي. ھنن آفيسرن کي سينٽرل پوليس آفيس ۾ خصوصي ٽريننگ ڏني وئي ۽ ٽريننگ جي پڄاڻيءَ تي سندن پيشيورانا ٽيسٽ ورتي وئي. نتيجن موجب، صرف هڪ ڊي ايس پي سميت 21 آفيسر پاس ٿيا، جڏهنته 28 ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ اوز ناڪام ٿيا، ٽريننگ دوران 4 آفيسرن کي ڊراپ ڪيو ويو ۽ 2 آفيسرن رپورٽ ئي نه ڪيو هو. فيل ٿيل آفيسرن ۾ 8 ڊي ايس پي ۽ 20 ايس ايڇ اوز جن ۾ 10 انسپيڪٽر ۽ 10 سب انسپيڪٽر شامل آهن. ناڪام ٿيندڙ آفيسرن ۾ ڊي ايس پي علي حسن شيخ، حبيب الرحمان لاشاري، عبدالغفور چانڊيو، ڪريم بخش بلوچ، سيد محمد غيور، محمد صادق، شوڪت علي ملھڻ، بهرام خان پنھور شامل آهن. جڏهن ته ايس ايڇ اوز ۾ انسپيڪٽر عبدالستار مگسي، عبدالواحد بلوچ، زاهد الله لوڌي، سيد شمشاد حيدر شاهه، جابر حسين لاھوري، سيد مشتا ق حسين شاهه، احمد خان خاصخيلي، نواز علي زرداري، اميد علي جاگيراڻي، ۽ عبدالحفيظ رند شامل آهن. جڏهن ته سب انسپيڪٽرز ۾ راجا سانول عمران، سعد قمر زمان، محمد جاويد، مظھر علي ڪانگو، محمد اڪبر خان، الله يار، الطاف حسين وڌو، عطاء الله ميراڻي، ۽ محمد يوسف شامل آهن. پاس ٿيندڙ آفيسرن ۾ شامل آھن: ڊي ايس پي پرويز اسلم جوڻيجو، انسپيڪٽر امجد انور، شهزاد رضا قاضي، شبانه ناز، غلام مرتضيٰ ڪاڪا، خرم شاهه، محمد اسحاق، حڪيم علي کوسو، شاهه نواز مھر، سب انسپيڪٽر سرفراز راجپوت، مجيب الرحمان، خالد حسين دشتي، نور احمد لغاري، اصغر علي، محسن ابرار خانزادو، ديدار علي بروھي، سرفراز راجپوت، عقيل احمد، ۽ انور رحمان شامل آهن. ان کانسواءِ ڊي ايس پي بدر عالم، اشتيـاق غوري، نعيم احمد چاچڙ ۽ انسپيڪٽر عمران بخش لاشاري کي ٽريننگ دوران ٻين سببن ڪري ڊراپ ڪيو ويو هو.










