نئين دلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت اربع ڏينهن پاڪستان سان ٿيل درياهن جي پاڻي واري معاهدي انڊس واٽر ٽريٽي کي فوري طور معطل ڪندي واهگه بارڊر بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. والاريل ڪشمير جي تفريحي مقام ڦلگام ۾ اڱاري تي سياحن تي ٿيل حملي ۾ 26 ماڻهن جي مارجڻ ۽ 17 ٻيا زخمي ٿيڻ واري واقعي بعد اهو فيصلو ڪيو آهي. ڀارت، پاڪستاني شهرين کي جاري ڪيل سڀ ويزا رد ڪندي، ڀارت ۾ موجود پاڪستاني شهرين کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشن ۾ مقرر دفاعي عملي کي هڪ هفتي اندر ملڪ ڇڏڻ لاءِ چيو ويو آهي، ۽ ٻنهي ملڪن جي سفارتي عملن جو تعداد ۾ به گهٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارتي اپائڻ بعد وزيراعظم شهباز شريف ڪنهن به ڀارتي ايڊونچر کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي سلامتي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس خميس تي طلب ڪري ورتو آهي. ڀارت ۾ ٿيل حملي ۾ حڪومتي طور ته ڪنهن کي ذميوار قرار نو ڏنو هو پر ڀارتي ميڊيا حملي جي ذميوار ڪالعدم لشڪر طيبه کي قرار ڏئي رهي هئي.ڀارت جي دفاع واري وزير زوردار ۽ واضه جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، واقعي سبب نريندرا مودي سعودي عرب جو مختصر ڪري واپس وطن آيو ۽ ڪابينا جي سيڪورٽي ڪميٽي جو هنگامي اجلاس سڏايو جنهن بعد مٿيان اعلان سامهون آيا. اي ايف پي موجب سن 2000 بعد ڀارتي علائقي ۾ وڏو خوني حملو آهي. اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي ڀارت جي پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽري وڪرم مسري بريفنگ ڏيندي مٿي ڄاڻايل پابندين جو اعلان ڪيو، هن چيو ته جيڪي ڀارتي شهري پاڪستان ۾ آهن اهي پهرين مئي تائين واپس اچي سگهن ٿا، انڊيا پاڪستان مان ڊفينس اتاشي کي واپس گهرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن پاڪستان تي سرحد پار دهشتگردي جو الزام هڻندي چيو ته واٽر ٽريٽي تيسين معطل رهنندي جيسين پاڪستان سرحد پار دهشتگردي جي حمايت بند ڪرڻ جو عهد نه ڪندو. صدر ٽرمپ مودي کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي ۽ چين سميت ڪيترن ملڪن ان جي مذمت ڪئي آهي. عالمي بئنڪ جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل انڊس واٽر ٽريٽي موجب ڪو به ملڪ اڪيلي طور ان تي عمل روڪي نٿو سگهي. پاڪستان جي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت کي خبردار ٿا ڪريون ته هو ڪوڙو الزام هڻي فيبروري 2019 جيان ڪو ايڊوينچر ڪيو ته اڳي کان به سخت جواب ڏينداسين ۽ پاڪستان ان جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. هن هم ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هي ڀارت جي ڪوڙي فليگ مارچ جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندڙ دهشتگردي جي مذمت ڪندو رهيو آهي.










