اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري پنڊي ٽيسٽ ميچ کي موجوده سياسي صورتحال سان تشبيهه ڏئي ڇڏي آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته راولپنڊي ٽيسٽ جي وڪيٽ پي ٽي ايم حڪومت کان وڌيڪ مئل، بي جان ۽ بيڪار آهي.هن چيو ته وڪيٽ ٺاهيندڙن به اهو نه سوچيو ته موجوده سيٽ اپ ٺاهيندڙن وانگر عوام ڇا سوچيندو، اميد آهي ته پچ ٺاهيندڙ ايندڙ ميچ ۾ به اهڙي پچ ٺاهيندا جو فيصلو ميرٽ جي بنياد تي ٿيندو.










