پنج هزار سالن تائين چارج رهندڙ بيٽري جو تجربو ڪامياب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪيليفورنيا جي هڪ ڪمپني جوهري فُضلي مان نينو ڊائمنڊ بيٽري تيار ڪري ورتي آهي جيڪا 5 هزار سال تائين هلندي. بيٽري جي طاقت جوهري ري ايڪٽرن ۾ استعمال ٿيندڙ ڌماڪيدار مادي مان حاصل ڪندي بيٽري تيار ڪئي وئي آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نيو ڊائمنڊ بيٽري جي تياري ۾ سخت ترين ڌاتو هيري جو استعمال ڪيو ويو آهي جنهن سبب ان ۾ انساني جسم کان به گهٽ تابڪاري جو اخراج ٿئي ٿو. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هن بيٽري جا 2 ليبارٽري ٽيسٽ ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتا آهن. بيٽري کي سولر پاور جي ذريعي 40 سيڪڙو چارج ڪيو ويو جيڪا هڪ اهم ڪاميابي هئي ڇو ته سولر پاور مان عام طور تي ڪابه بيٽري 15 کان 20 سيڪڙو ئي چارج ٿي سگهندي آهي. پنج هزار سالن تائين هلندڙ بيٽري تيار ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته سولر مان تمام جلد بيٽري کي 90 سيڪڙو تائين چارج ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري وٺنداسين. بيٽري جي  پاسي ۾ مصنوعي هيري جا ڪيترائي حفاظتي پرت ٺاهيا ويا آهن جيڪا سخت ڌات آهي. آئسوٽوپ مان حاصل  ٿيندڙ توانائي هيري ۾ ان  عمل جي ذريعي جذب ڪئي ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو