پنجاب ۾ ڪوهيڙو برقرار، مختلف هنڌن تي موٽر وي بند

پنجاب ۾ ڪوهيڙو برقرار، مختلف هنڌن تي موٽر وي بند

لاهور: (ويب ڊيسڪ) سينٽرل ريجن ۾ ڪوهيڙو ختم نه ٿيو، جنهن ڪري موٽر وي مختلف هنڌن تي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا.موٽر وي پوليس جي ترجمان موجب، لاهور کان ڪوٽ مومن تائين موٽر وي ايم-2 ڪوهيڙي سبب بند آهي، جڏهن ته فيض پور کان درخانه تائين موٽر وي ايم-3 ۽ پنڊي ڀٽيان کان خانيوال تائين موٽر وي ايم-4 ڪوهيڙي سبب بند آهن.موٽر وي پوليس موجب، لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي ايم-11 پڻ ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ لاءِ بند آهي. قومي شاهراهه تي لاهور، پتوڪي، اوڪاڙه ۽ ساهيوال جي علائقن ۾ به ڪوهيڙو موجود آهي، جڏهن ته چيچا وطني، اقبال نگر، ميان چنو، خانيوال، ملتان ۽ بهاولپور ۾ ڪوهيڙي سبب حد نظر به متاثر ٿي آهي.ترجمان موجب، موٽر ويز کي بند ڪرڻ جو مقصد عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو