پنجاب ۾ لاٿ، سنڌ ۾ وهڪرا وڌڻ لڳا، ريسڪيو آپريشن جاري

پنجاب ۾ لاٿ، سنڌ ۾ وهڪرا وڌڻ لڳا، ريسڪيو آپريشن جاري

ڪراچي(نمائندن وٽان) فيڊرل فلڊ ڪميشن جي اربع تي جاري ڪيل ڊيٽا موجب پنجاب جي درياهن ۾ پاڻي جو دٻاءُ گهٽ ٿي رهيو آهي، پنجند ۽ سنڌ جي بيراجن تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. پنجند تي 5 لک 30 هزار 152 ڪيوسڪس جو ان فلو هو جيڪو سڄو سنڌ ڏانهن روانو ڪيو ويو. چناب درياهه جي تريمو تي وڏي ٻوڏ مان هاڻي وچولي ٻوڏ واري صورتحال آهي ۽ اڍائي لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو بچو آهي. راوي درياهه تي بلوڪي وٽ وچولي ۽ سڏنائي تي وڏي ٻوڏ آهي، جتي ڪالهه تائين تمام وڏي ٻوڏ هئي. هنن بيراجن تي پاڻي ۾ لڳاتار لاٿ اچي رهي آهي. البته ستلج درياهه جي گنڊا سنگهه والا تي پاڻي لٿو آهي پر پوءِ به ويري هاءِ فلڊ برقرار آهي جتي وهڪرو هڪ لک 95 هزار 899 ڪيوسڪس آهي. سليمانڪي ۽ اسلام تي به پاڻي ۾ لاٿ آئي آهي. گڊو تي اربع جي منجهند تائين 5 لک 2 هزار 844 ڪيوسڪس ان فلو هو ۽ آئوٽ فلو 4 لک 92 هزار 443 ڪيوسڪ هو. سکر بيراج تي ان فلو 4 لک 403 ۽ آئوٽ فلو 382355 ڪيوسڪ هو. ٻنهي بيراجن تي وچولي ٻوڏ آهي. ڪوٽر بيراج جو ان فلو 253145 ۽ آئوٽ فلو 251745 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو.
پي ڊي ايم اي پنجاب
اربع تي جاري ڪيل اپڊيٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ملتان جي جلال پور پير والا مان اڱاري کان هيستائين 4750 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي. 47 ٻيڙيون رات ڏينهن ڦاثل ماڻهن کي ڪڍڻ ۾ مصروف آهن.

ڀارت جي آبي جارحيت جاري، چناب ۾ پاڻي جا وهڪرا برقرار
لاهور: ڀارت جي آبي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، ستلج درياءَ ۾ وڌيڪ پاڻي ڇڏيو ويو، جڏهن ته چناب درياءَ ۾ به پاڻي جا وهڪرا برقرار رهڻ سبب ڏکڻ پنجاب جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. آبي وسيلن واري وزارت لاڳاپيل سمورن ادارن کي هنگامي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي هاءِ ڪميشن ستلج درياءَ ۾ ٻن هنڌن تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ کان آگاهه ڪيو آهي. ستلج درياءَ ۾ بريڪي ۽ فيروز پور جي هنڌ تي مٿانهين درجي جي ٻوڏ جو خطرو آهي.ملتان جي ڀرسان وهندڙ چناب درياءَ ۾ شير شاهه بند تي پاڻي جو وهڪرو برقرار آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي لهڻ شروع ٿيندو، جڏهن ته شير شاهه بند کي ٽوڙڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو ضرورت پوڻ تي ٽيڪنيڪل ڪميٽي بريچ ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي.ملتان جي تعلقي جلالپور پير والا ۾ اڃان تائين صورتحال خطرناڪ آهي، ريسڪيو آپريشن جاري آهي، جلال پور پير والا ۾ شهر کي بچائيندڙ عارضي بند تي به پاڻي جو وهڪرو وڌي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃان تائين پاڻي ۾ گهيريل آهن. جلال پور پير والا جي ٻوڏ متاثرين جون خيمه بستيون به شهر ۾ ئي قائم ڪيون ويون آهن. ٻيو وڏو ٻوڏ وهڪرو هيڊ محمد والا جي هنڌ تان گذري رهيو آهي جڏهن ته هيڊ محمد والا جي هنڌ تي گري والا چوڪ تي لڳايل بينج تي به پاڻي جي سطح ڪرڻ لڳي.پي ڊي ايم اي پنجاب موجب سانوڻي جي شدت ۾ گهٽتائي واقع ٿي آهي، دريائن جي وهڪرن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان نه آهي، دريائن جي مٿانهين علائقن ۾ به سانوڻي جي برسات جو سلسلو رڪجي چڪو آهي. ڊي جي عرفان علي ڪاٺهيا جو چوڻ آهي ته سانوڻي برسات جو 10هون اسپيل ختم ٿي چڪو آهي، هاڻ پنجاب ۾ ايندڙ هفتي وڏي برسات جو امڪان نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو