پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڪيترائي موٽر ويز بند

پنجاب ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڪيترائي موٽر ويز بند

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي ميداني علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب بصارت متاثر ٿي آهي، جنهن سبب ڪيترائي موٽر وي بند ڪيا ويا آهن.لاهور اسلام آباد موٽر وي ايم 2 ٺڪر نياز بيگ کان ڪوٽ مومن تائين ۽ پنڊي ڀٽيان فيصل آباد موٽر وي ايم 3 جڑانوالا کان فيض پورڪ تائين بند ڪئي وئي آهي.سيالڪوٽ-لاهور موٽر وي ايم 11 ڪالا شاهه ڪاڪو کان سمبڙيال تائين ٽريفڪ لاءِ بند آهي.ٻئي طرف قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني پڻ متاثر ٿي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو