اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پنجاب مان ڪڻڪ ۽ اٽي جي بين الصوبائي فراهمي ۾ خلل جي ڪري، خيبر پختونخوا ۾ اٽي جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿيو آهي.خيبر پختونخوا جي فلور ملز انڊسٽري وڏي حد تائين پنجاب مان ايندڙ ڪڻڪ تي منحصر آهي. صوبو هر سال 1.2 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پيدا ڪري ٿو، جڏهن ته ڪل ضرورت 5.2 ملين ميٽرڪ ٽن آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي صوبي جي 4 ملين ميٽرڪ ٽن جي کوٽ کي پنجاب مان ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪري پورو ڪيو ويندو آهي.فلور ملز ايسوسيئيشن موجب، پنجاب مان اٽي ۽ ڪڻڪ جي فراهمي ۾ خلل جي ڪري، ملز کي وڏي قيمت تي ڪڻڪ خريد ڪرڻي پئجي رهي آهي، جنهن ڪري مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.پنجاب مان اٽي ۽ ڪڻڪ جي فراهمي ۾ خلل جي ڪري، سڄي صوبي ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. گذريل هڪ هفتي دوران، 20 ڪلوگرام جي اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 2,200 رپين کان وڌي 2,400 رپيا ٿي وئي آهي، جيڪا عام ماڻهو ۽ گهٽ آمدني واري طبقي کي تمام گهڻو متاثر ڪري رهي آهي.خيبرپختونخواهه حڪومت 225,000 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي منظوري ڏني آهي جنهن لاءِ فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حڪومت وفاقي ۽ پنجاب حڪومتن کي خط لکي ڪڻڪ جي بين الصوبائي نقل و حمل تي پابندي کي غير آئيني قرار ڏنو آهي ۽ پنجاب مان ڪڻڪ جي نقل و حمل تي پابندي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.










