صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر) ڊپٽي ڪنزرويٽر وائلڊ لائيف عدنان حسين ناياب نسل جي مهمان پکين ٻٽيرن جي غيرقانوني شڪار جو نوٽيس وٺندي ڇاپا مار ٽيم تشڪيل ڏئي ڇڏي آهي. روھڙي ۽صالح پٽ جي علائقن.لونگ جو ڳوٺ ترائي شيروجا گگڙو آر ڊي 186 ۽ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ شڪار جي خبرن جو نوٽيس وٺندي اسپيشل ريڊ پارٽي سکر ڊويزن جي انچارج ديدار حسين ڀاڳت.۽ گيم انسپيڪٽر اسماعيل شيخ کي حڪم ڪيو ته هو شڪارين کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪاروائي جي هدايت ڪئي آهي. ڇاپا مار ٽيم علائقي مان 5 شڪارين کي پڪڙي ورتو آهي. پنجاب ۽سنڌ جي مختلف علائقن کان آيل شڪارين جن ۾ محمد اسلم ولدجميل اختر ويٺل خانپور ڪٽوره عبدالغفور ولد منظور احمد ويٺل رحيم يار خان اجمل ولد عبدالغفور ويٺل رحيم يار خان احمد دين ولد محمد يوسف ويٺل سنجر پور محمد پناہ ولد محمد بخش بروهي ويٺل غلام بند روهڙي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 130 ٻٽيرا هٿ ڪري ورتا آهن جڏهن ته شڪارين مٿان 50 ھزار جو ڏنڊ هڻي روڪ رقم وصول ڪري گورنمينٽ جي خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. ڇاپا مار ٽيم جو چوڻ آهي ته ڪير ڪيترو به بااثر ڇون هجي ڪنهن کي به غير قانوني شڪار ڪرڻ نه ڏينداسين.










