لاهور(ويب ڊيسڪ)حڪومت پنجاب پوليس جو آءِ جي تبديل ڪندي فيصل شاهڪار کي نئون آءِ جي مقرر ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران افضل ۽ آءِ جي پوليس رائو سردار صوبائي حڪومت جي تبديلي جي صورت ۾ پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب وفاق کي موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي. ذريعن موجب چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت کي موڪلڻ جي درخواست ڪئي هئي. حڪومت صوبي ۾ آءِ جي پنجاب کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي رائو سردار جي جاءِ تي فيصل شاهڪار کي نئون آءِ جي پنجاب مقرر ڪيو ويو آهي. آءِ جي پنجاب رائو سردار کي ريلوي پوليس جو نئون آءِ جي مقرر ڪيو ويو آهي.










