پنجاب پوليس بهاول نگر واقعي کي معمولي قرار ڏئي ڇڏيو

پنجاب پوليس بهاول نگر واقعي کي معمولي قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)بهاولنگر ۾ پوليس اهلڪارن جي مارجڻ تي پنجاب پوليس رد عمل ظاهر ڪيو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس جوابدار جي گرفتاري لاءِ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ۽ جوابدارن جي وارثن پوليس تي چادر ۽ چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪرڻ ۽ تشدد ڪرڻ جو الزام هنيو هو. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مطلوب جوابدار جي گرفتاري لاءِ گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران گهرڀاتين سميت ڪيترن ئي ماڻهن پوليس اهلڪارن کي يرغمال بڻائي کين تشدد جو نشانو بڻايو. پوليس عورتن سميت 23 ڄڻن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو هو. هاڻي ان حوالي سان پنجاب پوليس سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بهاولنگر ۾ پيش آيل معمولي واقعي کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو وڌايو ويو آهي. ياد رهي ته هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڇاپي دوران پوليس اهلڪار عورتن تي به لٺيون وسائي رهيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ بهاول نگر پوليس جي ايس ايڇ ۽ اهلڪارن کي فوجي وردي پهريل اهلڪارن ٿاڻي ۾ ڪٽڪو ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو