پنجاب طرفان رضي جي حمايت ۾ هلندڙ مهم افسوسناڪ قرار

پنجاب طرفان رضي جي حمايت ۾ هلندڙ مهم افسوسناڪ قرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنجاب حڪومت طرفان رضوان رضي جي حمايت ۾ هلندڙ مهم کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پنجاب حڪومت هڪ بيمار شخص جي حمايت ۾ مهم هلائي رهيا آهن، جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي۔ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اهڙو رويو صوبه سنڌ لاءِ ناڪاري پيغام آهي۔هن چيو ته (ن) ليگ جي پنجاب حڪومت پنهنجي ناقص ڪارڪردگي تان عوام جي ڌيان کي هٽائڻ چاهي ٿي، جڏهن⁠ ته ٻوڏ دوران خراب حڪمت عملي ۽ ناتجربي ڪاري سبب پنجاب جا عام ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو