لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ملڪ اسڪيمن سان نه پاليسين سان هلندا آهن، پنجاب حڪومت پاليسين سان عوام کي بيوقوف بنائي رهي آهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيوته ايل پي جي جي سرڪاري قيمت 240 آهي جيڪا عوام کي 500 روپين ۾ ملي رهي آهي، حڪومت سموري ملڪ کي گيس سلينڊر تي لڳائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گذريل هفتي 1 روپيه 97 پئسا گهٽ ڪيا ويا، پيٽرول جر هر ليٽر تي غريب عوام کان ٽيڪس ورتو پيو وڃي.
هن چيو ته پاڪستان جي 90 سيڪڙو آبادي موٽر سائيڪل هلائيندي آهي هر هڪ ليٽر پيٽرول تي اسان 100 روپين کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري رهيا آهيون جيستائين اسان روڊن تي اچي احتجاج نه ڪنداسين تيستائين اهو مسئلو حل نه ٿيندو، جيڪڏهن اسان احتجاج نه ڪنداسين ته حڪومت پيٽرول جي قيمت گهٽ نه ڪندي، ڪنهن به صورت ۾ پيٽرول جي قيمت 225 کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته سرڪاري آفيسر گاڏيون ته وڏيون رکندا آهن پر پنهنجو ڪم پورو ناهن ڪندا، جيڪڏهن ايف بي آر جا آفيسر پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪم ته غريب تي ٽيڪس جو بار گهٽ ٿي ويندو.
حافظ نعيم الرحمان چيو ته هاري هر سال پوئتي ٿي رهيو آهي. ڀاڻ جي قيمت جو هڪ ريٽ مقرر ناهي ڪيو ويو. فصل جا پئسا به هاري کي پورا نه پيا ڏنا وڃن ڪپهه جي پوکي ۾ به تاريخي گهٽتائي ٿي وئي آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت اسڪيمن جي ذريعي عوام کي بيوقوف بنائي رهي آهي. هي صرف ڪجهه ماڻهن کي سهولتون ڏيندا آهن باقي ٻين ماڻهن جو سوچيندا به نه آهن. ملڪ اسڪيمن سان نه پاليسي سان هلندا آهن، هتي مافياز جو راج آهي.
هن چيو ته جماعت اسلامي هميشه عوامي ڳالهه ڪندي آهي، حڪومت اسڪولن ۽ ڪاليجن کي آئوٽ سروس ڪري رهي آهي، عام ماڻهو جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، مفت ۽ معياري تعليم ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، يونيورسٽيز کي گرانٽس نه پئي ملي.










