لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم کنيا ويا آهن ان سلسلي ۾ پنجاب جي 7 شهرن ۾ 29 مارچ تائين اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ڪاروباري مرڪز شام 6 وڳي بند، ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل، شادي هالز، مارڪيٽون ۽ ڪميونٽي سينٽر به سڀاڻي کان بند هوندا. صرف کليل هنڌن تي تقريبن جي اجازت هوندي جنهن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت نه ڪري سگهندا.ڪورونا وائرس جي مسلسل وڌندڙ خطري سبب پنجاب حڪومت عوام جي تحفظ لاءِ وڏا فيصلا ڪيا آهن. لاهور، راولپنڊي سميت 7 شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز شام جو 6 وڳي بند ٿي ويندا. ڇنڇر ۽ آچر تي موڪل هوندي. ان ڊور، آئوٽ ڊور شادي هالز، ڪميونٽي سينٽرز ۽ مارڪيٽون 15 مارچ کان مڪمل بند، ميڊيڪل سروسز، پيٽرول پمپس، ضروري شين جون دڪانون 24 ڪلاڪ کليل رهنديون. ڪورونا جي امڪاني ٽئين لهر جي خطري سبب عوام جي تحفظ لاءِ پنجاب حڪومت اهم فيصلا ڪيا آهن.ان سلسلي ۾ لاهور، راولپنڊي، سرگودها، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا ۽ گجرات ۾ 29 مارچ تائين اسمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. ڇنڇر ۽ آچر ڪم ڪرڻ جي اجازت نه هوندي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. تفريحي هنڌ ۽ پارڪس شام 6 وڳي بند ڪيا ويندا. سئنيما هالز ۽ ٿيٽر مڪمل طور تي بند رهندا.سرڪاري ۽ نجي آفيسن جي 50 سيڪڙو اسٽاف کي گهرائڻ جي اجازت هوندي. ان ڊور، آئوٽ ڊور، ميرج هالز، ڪميونٽي سينٽرز ۽ مارڪيٽن کي 15 مارچ تي بند ڪيو ويندو. هوٽلن ۾ ويهي کائڻ پيئڻ تي پابندي هوندي. صرف کاڌو گهر کڻي وڃڻ جي اجازت هوندي. سماجي ۽ مذهبي تقريبن ۾ 50 ماڻهو شامل ٿي سگهندا. ست شهرن کان علاوه باقي ضلعن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب ميڊيڪل سروسز، فارميسيز، ميڊيڪل اسٽورز، ليبارٽريون ۽ ڪوليڪشن سينٽرز 24 ڪلاڪ کليل رهندا. جنرل اسٽور، اٽي جون چڪيون، سبزيون، فروٽ جون دڪانون، تندور ۽ پيٽرول پمپ سمورو هفتو 24 ڪلاڪ کولي رکڻ جي اجازت آهي. جڏهن ته ٽائر پنڪچر جا دڪان، فلنگ پلانٽس ورڪشاپ سميت پارٽس، زرعي مشينري ۽ اوزارن جون دڪانون به کليل رهنديون.










