پنجاب اسيمبلي جي 41 ميمبرن جي ميمبرشپ بحال، 9 اڃا معطل

پنجاب اسيمبلي جي 41 ميمبرن جي ميمبرشپ بحال، 9 اڃا معطل

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي 41 ميمبرن جي ميمبرشپ بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 9 ميمبرن جي ميمبرشپ اڃا تائين معطل آهي، جن پنهنجا ريٽرن جمع نه ڪرايا هئا.ذريعن موجب، ميمبرشپ معطل ٿيڻ جي ڪري 9 ميمبر اڄ ٿيندڙ پنجاب اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهندا. پنجاب اسيمبلي جي 50 ميمبرن مان 41 پنهنجا ريٽرن جمع ڪرايا آهن، جڏهن ته، مخالف ڌر ۽ حڪومتي بينچن سان تعلق رکندڙ 9 ميمبرن اڃا تائين پنهنجا ريٽرن جمع نه ڪرايا آهن.ريٽرن جمع نه ڪرائڻ جي ڪري انهن ميمبرن جي ميمبرشپ معطلي برقرار رکي وئي آهي. پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ معطل ميمبرن جي فهرست سيڪيورٽي اسٽاف کي فراهم ڪئي آهي ته جيئن سيشن دوران قاعدن ۽ ضابطن تي مڪمل عمل درآمد کي يقيني بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو