پلواما وارو معاملو عالمي فورمز تي اٿارينداسين: خواجا آصف

پلواما وارو معاملو عالمي فورمز تي اٿارينداسين: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ستيا پال ملڪ جي بيان کانپوءِ پلواما معاملي کي عالمي فورمن تي اٿاريندس. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته نريندر مودي جي ڪاررواين سبب 2 ايٽمي طاقتون جنگ جي ڪناري تي پهچي ويون آهن.خواجا آصف جو چوڻ آهي ته ستيپال ملڪ پلواما حملي بابت سمورا بيان ڪوڙا آهن، پاڪستان پلواما واقعي تي سنجيدگي ڏيکاري آهي، ان حوالي سان وڌيڪ انڪشاف ٿيندا.هن چيو ته ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڀارت سنگين معاملي تي مختصر نظر رکي رهيو آهي، ڀارت جا اهڙا بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهن، ايٽمي طاقت ملڪ جي دفاعي صلاحيت وڌائي سگهي ٿي.بچاءَ واري وزير جو چوڻ آهي ته ايٽمي طاقت ڪنهن جي ذهني صلاحيت کي بهتر نٿي بڻائي سگهي، پلواما معاملي کي عالمي فورم تي کڻنداسين، هاڻي ڀارتي بيان ۽ پلواما حملو ڪوڙ تي ٻڌل هو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪشمير ۾ مظلوم مسلمانن خلاف سازش ڪري ڪوڙو داستان ٺاهيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو