پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جا 18 جهاز گرائونڊ، بيٺي بيٺي خراب ٿيڻ لڳا

پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جا 18 جهاز گرائونڊ، بيٺي بيٺي خراب ٿيڻ لڳا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي حڪومت جا پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جا 18 جهاز گرائونڊ ٿي ويا ذريعن موجب پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جي جهازن جو فليٽ 2021 کان گرائونڊ آهي، کاتي جا 10 جهاز ڪراچي ۽ 8 لاهور ۾ آهن، مناسب سارسنڀال ۽ وقت تي مينٽيننس نه ٿيڻ سان جهاز خراب ٿيا ڪروڙين رپين جا جهاز بيٺي بيٺي خراب ٿي رهيا آهن جهازن جي گرائونڊ ٿيڻ سان پلانٽ پروٽيڪشن جو ايريا اسپري ونگ مڪمل طور تي غير فعال ٿي ويو آهي ماڪڙ جي حملي تي هي جهاز لاڳاپيل علائقن ۾ ايريل اسپري ڪندا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو