پشاور ۾ آمريڪي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو اعلان

پشاور ۾ آمريڪي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پشاور ۾ آمريڪي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پاران ان حوالي سان جاري ڪيل بيان موجب، خيبر پختونخواهه سان لاڳاپيل سفارتي معاملن جي ذميواري هاڻي اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ڏانهن منتقل ڪئي ويندي.سفارتي اهلڪارن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال جي حوالي سان هن فيصلي کي اهم قرار ڏنو ويو آهي.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته هن تبديلي جي باوجود، پاڪستان بابت آمريڪي پاليسي ترجيحات برقرار رهنديون، آمريڪا اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ خيبر پختونخواهه جي ماڻهن ۽ اختيارين سان رابطي ۾ رهندو.آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جو چوڻ آهي ته علائقائي سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ ۽ آمريڪي مفادن جي حفاظت لاءِ خيبر پختونخواهه جي ماڻهن ۽ اختيارين سان رابطا جاري رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو