پشاور (ويب ڊيسڪ)ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ بعد پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي ملڪ واجد ۽ ارباب وسيم حيات کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو.پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جج عامر نذير اڳوڻي اسيمبلي ميمبرن ارباب وسيم حيات ۽ ملڪ واجد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اڳوڻو ايم پي اي گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ اڄ عدالت ۾ پيش ٿيا.پشاور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ارباب وسيم حيات ۽ ملڪ واجد جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن بعد پوليس ٻنهي کي عدالت جي احاطي مان گرفتار ڪري ورتو.










