پسند جي پرڻي تان جهيڙو هڪ قتل 7 زخمي، پلاند ۾ ناري اغوا

ڏھرڪي)قادر جٽ (ڳوٺ غلام علي ڏھر ۾ پسند جي پرڻي تان ڏھر برادري جي 20 کان مٿي ھٿياربندن چار مھينا پھريان عاصما پري سان پيار جو پرڻو ڪندڙ  واجد ڏھر جي گھر تي حملو ڪري سندس چاچي وريام ڏھر کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته 7 ڄڻن مقبول ـ عقيل ـ منيرـ شيرازـ احسان ۽ نديم  کي گوليون ۽ لٺيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو .  جڏهن ته ھٿياربندن پريمي جي شادي شده ڀيڻ  مسمات گل پري کي پاڻ سان گڏ اغوا ڪري کڻي ويا آهن. زخمين کي سول اسپتال ڏھرڪي داخل ڪيو ويو آهي  جتي ٽن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يارخان اسپتال ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي .

فوتي وريام جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي . موقعي تي موجود ڏھر برادري جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ھنن ڏھرڪي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس واقعي واري ھنڌ دير سان پھتي جنهن ڪري ھٿياربند آساني سان فرار ٿي ويا. ڄاڻايل ڳوٺ ۾ سخت خوف وحراس ڦھليل آهي . پوليس پاران هڪ به جوابدار گرفتار نه  ڪيو ويو آهي . جوابدار گرفتار نه ڪرڻ ۽ پوليس جي ونگار وھڻ خلاف وارثن پاران  مقتول وريام ڏھر جي لاش کي قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو هڻي بند ڪري ڇڏيو. جنھن سبب ڪيئي ڪلاڪ قومي شاھراھ بند رھي. مقتولن جي وارثن پي پي اڳواڻ ڄام مھتاب ڏھر ۽ سندس ڀاءُ شھاب ڏھر تي حملو ڪندڙن جي پٺڀرائي ڪرڻ جو الزام ھنيو آهي. آخري اطلاعن مطابق ڏهرڪي پوليس قتل ٿيل وريام ڏهر جا چار جوابدار گرفتار ڪرڻ  ۽ اغوا ٿيل ناري  هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو