پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سڌارن جو ڪم شروع

پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سڌارن جو ڪم شروع

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير جي لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو آهي ته پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ سنڌ جي لائيو اسٽاڪ کاتي ۾ سڌارن جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. کير، گوشت ۽ جانورن جي ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ اسان دلچسپي رکندڙ هڙني ڌرين سان ملي ڪري ايڪسپورٽ ڪندڙ ۽ سنڌ جا مالوندن دعوت ڏئي رهيا آهيون ته هو اسان جي کاتي پاران ملندڙ سهولتن مان فائدو حاصل ڪن. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اعليٰ سطحي ميٽنگ ڪندي ڪيو . ان موقعي تي ڪراچي جي ايڪسپورٽر فهد قيوم، صوبائي صلاحڪار کي جانورن جي ايڪسپورٽ جي باري بريفنگ ڏني جڏهن ته سيڪريٽري لائيواسٽاڪ ۽ فشريز ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ايڊيشنل سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڊاڪٽر نظير حسين ڪلهوڙي، ڊائريڪٽر جنرل لائيواسٽاڪ سنڌ ڊاڪتر حزب الله ڀٽو، ڊائريڪٽر اينيمل بريڊنگ ڊاڪٽر احتشام رانا شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سيد نجمي عالم وڌيڪ چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته سنڌ جي مالوند، ڀائرن کي جانورن جي کير، گوشت سميت جانورن جي سڀني نسلن جي ايڪسپورٽ ڪرائي کين مالي فائدو ڏياري سگهجي جنهن سان اسان جي ملڪ کي ڀه پرڏيهي ناڻي ڪمائڻ جو موقعو فراهم ٿيندو جڏهن ته اسان جا ملڪي ايڪسپورٽر پڻ ان ڪاروبار مان فائدو کڻي سگهن سگهن ٿا جنهن لاءِ اسان کين سڀ سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ميٽنگ ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ان سلسلي ايندڙ ميٽنگ ۾ ان ڪاروبار سان لاڳاپيل سڀني ڌرين کي دعوت ڏني ويندي جيئن گڏيل ميڪنزم جوڙي سگهجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو