لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 21 مارچ تي طلب ڪري ورتو. پرڏيهي فنڊنگ ڪيس جو نوٽيس وٺندي نيب جي 2 رڪني ٽيم عمران خان جي گهر پهچي وئي، عمران خان جي سڪيورٽي عملي نيب ٽيم کي اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. نيب جو نوٽيس اويس نيازي کي ملي ويو، ٽيم نوٽيس جي تعميل بعد زمان پارڪ روانو ٿي ويو.










