پريمي جوڙو 11 مهينن کان دربدر ، مائٽن مان جان جوخطرو

پريمي جوڙو 11 مهينن کان دربدر ، مائٽن مان جان جوخطرو

سجاول : (ڊ ر) چوهڙ جمالي رهواسي جوڙو 11 مهينن کان دربدر واري زندگي گذارڻ تي مجبور، مائٽن مان جان جوخطرو آھي تحفظ ڏنو وڃي، چوهڙجمالي لڳ ڳوٺ گل شير سنجراڻي جا رهواسي پريمي جوڙو ثمينه سنجراڻي ۽ نوجوان غلام حسين سنجراڻي سجاول پهچي صحافين اڳيان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 11 مهينن کان دربدر واري زندگي گذاري رهيا آھيون اسان ٻنهي ڄڻن گهران نڪري بدين جي عدالت سڳور ۾ شريعت مطابق رضا خوشي سان نڪاح ڪري پيار جو پرڻو ڪيو آهي پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ناري جا مائٽ مرادعلي سنجراڻي، راشد سنجراڻي، ناٿو سنجراڻي، خميسو عرف موالي سنجراڻي، گاور سنجراڻي، رفيق سنجراڻي ۽ ٻيا اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي ڪارو ڪاري جي الزم ھيٺ قتل ڪرڻ جي سازش ڪري رھيا آھن ناري جو چوڻ آھي ته منهنجا مائٽ منهنجي مڙس کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان جي زندگي زهر بڻيل آهي منهنجي مڙس کي منهنجي مائٽن مان جان جو خطرو آهي. انهن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس پي بدين، ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو حق ڏنو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو