اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ پاڪستان وچ ۾ حتمي معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن جو باضابطه اعلان جلد ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ نائين جائزي ۽ پروگرام جي بحالي ۾ رڪاوٽون دور ٿي ويون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اها اڳڀرائي وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي سان ملاقاتن ۽ رابطن سبب ممڪن ٿي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ناڻي واري وزارت ۽ آءِ ايم ايف ٽيم وچ ۾ ڳالهيون 3 ڏينهن کان جاري هيون. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات ۾ بحث ۽ نئين ڊرافٽ جي تياري جو سلسلو جاري رهيو، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم گذريل 3 ڏينهن کان معاملا طئي ڪرڻ ۾ مصروف هئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌيڪ مسئلا يا ٽيڪنيڪل مشڪلاتون نه ٿيون ته نائين جائزو مڪمل ڪيو ويندو، ڇنڇر جي صبح آءِ ايم ايف جي ٽيم ۽ ناڻي واري وزارت نئين ڊرافٽ کي حتمي شڪل ڏني.










